مظفرآباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 75 ه??ن تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج مظفرآباد ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ، شاگردن ملي نغما، ترانو ۽ ڏينهن جي مناسب سا?? تقريرون ڪري وطن سا?? محبت جو اظهار ڪيو، تقريب ۾ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ جان جاکوڙيندڙن کي خراج تحسين، جڏهن ته شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ادا??ي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم چيو ته اسان آزاد آهيون ۽ آزادي شعور ۽ ذميوا??ي جي گهرج ڪري ٿي، هر هڪ کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو، ٻ??ن تي تنقيد ??ه ڪريو، پنهنجو پاڻ کان پڇو ته توهان اڄ ڇا ڪيو، آزادي جا 75 سا?? خود احتسابي ۽ شڪر جا گهرجائو آهن، يوم تاسيس جي ان خصوصي پروگرام جو اهتمام تاريخ جي شعبي پاران ڪيو ويو هو، تقريب جو ميزبان پروفيسر ملڪ عرفان هو، تقريب جي پهرين حصي ۾ شاگردن ملي نغما، ترانا ۽ ڏينهن جي مناسبت سا?? تقريرون پيش ڪيون جڏهن ته تقريب جي ٻئي حصي ۾ پروفيسر اعجاز نعماني، پروفيسر هارون قريشي ۽ مرڪزي ايڪٽا جي صدر پروفيسر طارق سليم خطاب ڪيو.