اسلام آباد ??? 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي ف??وچ?? انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاء?? سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت کي خطرن بابت شديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ??لڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.