اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪيترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن واپسي جي درخواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسنا?? واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وطن واپسي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وق??ي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ اسلام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن م??ام??ي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وطن واپسي تي ز??ر ڏئي س??هجي. ٻئي طرف وق??ي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي م??ام??ن بابت ڪميٽي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.