گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آ??ٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ چ??و آهي ته 27 آ??ٽوبر 1947?? جي ڏينهن ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف ورزيون ڪندي پنهنجو جبري قبضو قائم ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارتي قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ڀا??ت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.