ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ مل??قا?? ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب مل??قا?? ۾ مجموعي سياسي صورتحال، وفاق جي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر ان موقعي تي چيو ته صوبي جي ترقي ۾ وفاق ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.