اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪ?? لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ تح?? هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، ??لم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪ?? لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪ?? پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.