اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيٽا ۽ معلومات 21 هين صدي جو نئون سون آهي، پاڪست??ن ۾ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ فيصلاسازن کي ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي تر??ي ۽ فروغ جي لاءِ فوري طور تي صحيح فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ مختصر مدي ۾ روانگي واپار ۾ تيز رفتار ترقي جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايڪس او ڊيجيٽل ??ورم جي اهتمام هيٺ گلوبل ڊيجيٽل سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڊيجيٽل ??ورم ڪنول مسرور ۽ ميڊيا ٽيڪ آمريڪا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مشيل اوڪونر پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز شرڪت ڪئي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊيجيٽل ??يلٿ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ورتي آهي، اهو ضروري آهي ته اسان انساني مصائب کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال تي ڌيان ڏيون، مصنوعي ذهانت ۽ اميج اينڊ پيٽرن ريلڪنيڪشن سافٽ ويئر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي مختلف بيمارين جي بهتر تشخيص ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽيلي هيلٿ، آن لائين فارميسي، آن لائين ليبز، پريڪٽس مئنيجمينٽ سافٽ ويئر ۽ ٻين اوزارن نه رڳو صحت جي سارسنڀال کي اسان سڀني جي لاءِ پهچ قابل بڻائي ڇڏيو آهي پر پاڪست??ن ۾ ڪاروباري برادري جي لاءِ اقتصادي راهون پڻ پيدا ڪيون آهن. هن پاڪست??ن ۾ ڊيجيٽل ??يلٿ ايڪو سسٽم جي فروغ ۽ واڌويجهه تي زور ڏنو. صدر عارف علوي آءِ ٽي ماهرن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي لاءِ ڊيجيٽل ۽ ٽيلي هيلٿ پليٽ فارمز جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ جي لاءِ حڪومت کي پنهنجون تجويزون پيش ڪن، انهن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ نجي شعبي کي مهم هلائڻ ۽ هڪ فعال حصيدار بڻجڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي کي صحت جي بهتر سهولتن تائين محدود پهچ حاصل آهي ۽ ڊيجيٽل ??يلٿ جي صحيح استعمال سان خرچن ۾ گهٽتائي، ڪارڪردگي ۾ بهتري، صارفين جي مصروفيت ۾ اضافي ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ اهڙن مسئلن جو علاج ڪرڻ جي لاءِ ذهني صحت جي ماهرن جو انگ محدود آهي. هن چيو ته ٽيلي هيلٿ سروسز ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جيٽ بوٽس وڌ کان وڌ ماڻهن کي ذهني صحت بابت مشاورت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته پاڪستان پنهنجي ٻارن کي پر??ئم??ي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ به پٺتي آهي ڇو ته انگن اکرن موجب رڳو 68 سيڪڙو پاڪستاني ٻار پر??ئم??ي اسڪولن ۾ داخل آهن جڏهن ته ڀارت پنهنجي ٻارن جي لاءِ 100 سيڪڙو پر??ئم??ي تعليم حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته روايتي ۽ غيرروايتي تعليمي نظام تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان کي آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن جي ذريعي تعليم ۽ هنر جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 دوران پاڪست??ن ۾ آن لائين تعليم جي فروغ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام مان فائدو کنيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل بازار ڊيجيٽل ??هارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙا پروگرام جوڙي سگهجن ٿا. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڪنول مسرور چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي تر??ي ۽ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل شعبي ۾ پليٽ فارم ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي چوٿين وڏي فري لانس مارڪيٽ آهي. ان کان اڳ صدر پاڪست??ن ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.