اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته اهي قرآن، سنت ۽ حديث نبوي ﷺ جي روشني ۾ اسلام جي حقيقي تعليم کي اجاگر ڪري انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت ??ي خاتمي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار علم??ءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت علم??ءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين قاري هدايت ??لله ميراڻي ڪري رهيو هو. وفد ۾ محمد يونس قريشي، مولانا گل ولي، ميجر احتشام الدين ڪياني، پروفيسر عبدالغفار شاهه بخاري، عبدالرحيم عباسي، نور الاهي، فهد مقصود، حميد الله خان، شيخ مظهر حسين، شيخ ضياءَ الرحمان، عالم مفتي محمود احمد تبسم ۽ جمال خان شامل هئا. صدر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ عالم سڳورن پاران گڏيل ڪوششن سان هڪ جامع ايڪشن پلان جي ضرورت آهي. صدر انتهاپسندي جي حوصلا شڪني، سماجي سڌارن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ل??ءِ عالم سڳورن تي زور ڏي??دي چيو ته عالم سڳورا مثبت سماجي تبديلي آڻڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته معاشري ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت ??ي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. عالم سڳورا اخلاقي قدرن، وسيلن جي بچت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم سڳورا قومي يڪجهتي، مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي فروغ ڏي??. صدر چيو ته اها مذهبي اسڪالرن جي ذميواري آهي ته اهي اسلام جي حقيقي تعليم کي ماڻهن خاص طور تي ملڪ جي نوجوانن ۾ عام ڪن، سماجي سڌارا آڻڻ ۽ معاشري ۾ نيڪي، اخلاقيات کي فروغ ڏي??. هن چيو ته پاڪستان نظم ۽ ضبط، استقامت، اخلاقي راست بازي ۽ سماجي انصاف کي فروغ ڏئي ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته عالم سڳورن کي معاشري ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ ٺوس ڪوششون ڪر?? گهرجن ۽ ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏي?? گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي رواداري، درگذر ۽ امن جي تعليم ڏني وڃي ڇو ته اها سنت رسول صه آهي. صدر چيو ته اسلام وسيلن جي تحفظ ۽ زيان کان بچائڻ تي زور ڏنو آهي. عالم سڳورا مسجدن ۾ جمعي جي خطبي ذريعي وسيلن خاص طور تي ٻارڻ ۽ توانائي جي اعتدا?? ذميواراڻي ۽ پائيدار استعمال کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪن.