اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم ??نص?? حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم ??نص?? سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ م??د ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.