اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب پ??ڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر ما??ڪي??“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پا??ٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پا??ٽي جا پا??لياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.