اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيور??ٽي جي فيز ون جو ا??تتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيور??ٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيور??ٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيور??ٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.