اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) چين جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چيني نائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُالله، رٿابندي ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چيني نائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن سان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ري?? ڪارپيٽ وڇايو و??و. ??يني نائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيو آهي. هو پاڪستاني قيادت سان ٻطرفن ??اڳ??پن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.