اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ?? صوبائي ??ختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته و??ن وزيرن، صوبائي ??وڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪر?? تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ?? صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.