??سل??م آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان ??ي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد ??شا??دهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ ??سل??م (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ??ي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ ??سل??م جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان ??فسوسناڪ واقعي تي پوري ??وم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان ??ي جمهوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد ??شا??دهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد ع??ي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.