اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليمي بور?? جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪامياب?? جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪامياب?? جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وفاقي تعليمي بورڊ طرفان نتيجا جاري ڪرڻ واري تقري?? ۾ ??گران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي اي??ل شاهه نور فاطمه 1075 ما??ڪون حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عثمان 1072 ما??ڪون کڻي ماڻي، ان جو تعلق آر??ي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 ما??ڪون حاصل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آر??ي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آر??ي پبلڪ اسڪول راولپنڊي ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 ما??ڪون کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 ما??ڪون کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آر??ي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 ما??ڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.