نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر ج??رل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گڏيل قو??ن جي ج??رل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي ج??رل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران وزيراعظم هوندو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قو??ن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پارا?? ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجهندو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم مختلف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظي??ن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيو?? ملاقاتون ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اڳ ۾ ئي نيويارڪ پهچي چڪو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قو??ن جي ج??رل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران وزيراعظم هوندو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قو??ن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم ايس ڊي جيز جي لاءِ فنانسنگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪندو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀار?? جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪندو.