اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪ??مت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظيم شاهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چي?? ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي نگران حڪ??مت جي ذميواري آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي نامڪمل آهي. فرح عظيم شاهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگران حڪ??مت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.