اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان سدائين ??لائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملها??و ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻي واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت ??نه??جون فوجون ڪشمير جي سرزمين ??ي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين ??الي عوام تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين ??ياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پ??و وڃي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ذريعن والاريل ڪشمير ۾ سوين ??ورتن جي لڄ لٽڻ ۽ ڪشميري نوجوانن کي پيلٽ گن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روزمره جو معمول ??ڻايو آهي، هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل بڻايو آهي، اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون ڏنيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيرو سيد علي گيلاني، مقبول ??ٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت تحريڪ آزادي ڪشمير جي ٻين ??ريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين ??نهري لفظن ۾ ياد رک??و ويندو.