اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي سمورن م??مبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي گذريل گڏجاڻي جي هدايتن م??جب رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪميٽي جي ميمبرن کان م??يل تاثرن کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪميٽي جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثا??ي ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن م??جب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ ط??ف هڪ ??هم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.