اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا) سفير مريم آفتاب ڪئي جڏهن ته ميڪسيڪو جي وفد جي قيادت ميڪسيڪو جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (آفريقا، وچ ايش??ا ۽ وچ اوڀر) سفير جوز ٽرپ ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ گهڻ رخي اڳڀرائي جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هنن ڪيترن ئي شعبن ۾ ڳالهه ٻ??لهه ۽ تعاون ??ي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.