اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ڪرمان دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي ??يان موجب صدر ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سوڳوار خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو جن حملن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. ??اڪ??ر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.