اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قطر سان واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀا??راڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر جي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي سيڙ??ڪا??ن کي پاڪستان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪر??ار ادا ??ري رهي آهي. هن قطري سفير کي چيو ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪر??ار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.