اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته اهڙي ڪا صور??حا?? نه هوندي ??نه?? سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهن جي زندگين کي خطرن تي الرٽس جاري ٿيندا آهن، لاڳاپيل ادارا حفاظتي قدم کڻي رهيا آهن، انهن الرٽس جو اليڪشن جي انعقاد سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته اهڙا مسئلا ماضي ۾ به ايندا رهيا آهن، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ ??يڪ??ورٽي جا مسئلا وڌيڪ سنگين هئا، الله تي ڀروسو ۽ ??يڪ??ورٽي ادارن جي صلاحيتن تي اعتماد رکو، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته اهڙي ڪا صور??حا?? نه ٿيندي ??نه?? سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي.