اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هٿ??ار??ند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??نهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ??وجب ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان ??اڪستان جي هٿ??ار??ند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪ??يون ٿا جنهن اڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعوائن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل برتري جو عملي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان ??ڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.