اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مع??شت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ ??ميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ ??بدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي قطر سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مع??شت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم غزه ۾ امن جي ڪوششن ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي م??دس مهيني ۾ به غزه ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ قطر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي م??تظررهندي. قطر جي سفير ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.