اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ??مي??وارن پنهنجا نامز??گي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قومي اسيمبلي جي رول آف ميبمرز ??ي اهي ??مي??وار صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامز??گي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سر??ار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامز??گي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامز??گي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ??مي??وارن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.