اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ مختلف شعبن ۾ عورتن جي حصيداري کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن جي ذهانت ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??اءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، نوجوانن کي آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ??راهمي جي ??اءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۾ عورت پاڪستان ايو??رڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ??ختلف شعبن ۾ عورتون هڪ جهڙي طور تي فعال ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، انهن پنهنجي اهليت ۽ قابليت سان پاڻ کي مڃرايو آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عورتن جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ ڪنهن ٻئي ملڪ کان گهٽ نه آهي، انهن کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ اڳتي آڻڻ جي ??اءِ تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا ته جيئن اهي دنيا جي ??ين ملڪن جي برابر رتبو حاصل ڪري سگهن، معاشري جي ترقي ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، ملڪي عورتن جي آبادي جو رڳو 23 سيڪڙو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ مصروف عمل آهي، 25 سيڪڙو عورتن جي آبادي جو قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ان جا مختلف سبب آهن، ان حصي کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ترقياتي عمل ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پنجاب جي ??ئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز شريف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، پاڪستان جو پهريون عورتن تي تشدد جي روڪٿام جو مرڪز ملتان ۾ قائم ڪيو ويو، ان کي پوري پاڪستان ۾ توسيع ڏيڻي هئي. هن چيو ته اسان کي اڄ اهو پڪوپهه ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اسان کي پاڪستان کي عالمي دنيا جي صف ۾ شامل ڪرائڻو آهي ته انهن عظيم ڌيئرن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ، تعليم ۽ سيڪيورٽي جي ??راهمي جي ??اءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته زندگي جي ??ر شعبي ۾ عورتون مردن جي برابر پنهنجون توانائيون ۽ قابليت استعمال ۾ آڻي عظيم قوم بڻجي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اي ايس پي شهربانو نقوي جي ڪارڪردگي شاندار رهي جنهن تي کيس خرا?? تحسين پيش ڪريون ٿا، هن ڪجهه ڏينهن اڳ جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ان عورت کي بچايو، اها ان جي بهادري ۽ فرض شناسي هئي، عورتن جي ??راثت جو قانون ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن، ڳوٺن خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارڙين کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي ??اءِ مراعاتي پئڪيج ڏيڻو پوندو، اسان تعليم جي زيور جي ??الي سان پروگرام شروع ڪيو هو، ڇهين درجي ۾ ٻاررين جي داخلا تي انهن کي وظيفا ڏنا ويا، پنجاب انڊومنٽ فنڊ کي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، قابل شاگردن کي 20 ارب رپين جا وظيفا ڏنا، قابل ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي وظيفا ملڻ گهرجن، پنجاب ۾ وائوچر اسڪيم، اسڪلڊ ڊيولپمينٽ ڪمپني قائم ڪئي هئي، ان اسڪيم تحت شاگردن کي هنرمند بڻائڻ جي ??اءِ تربيت فراهم ڪئي وئي، ان پروگرام سان انقلابي تبديلي آئي، اسان کي پنهنجي ??سيلن سان ان پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ وسعت ڏيڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي اڳتي وڌنو آهي، قومن کي ترقي ۽ وقار ڏيارڻ جي ??اءِ پنهنجي ??ارن کي آءِ ٽي، پيشيواراڻي تربيت سميت جديد ٽيڪنالاجي کان روشناس ڪرائڻو آهي، اسان کي بهترين راند جو پڻ مظاهرو ڪرڻو آهي جڏهن ته جديد تعليم جو تصور اهم آهي، وفاق وٽ موجود وسيلا صوبن سان گڏجي ان شعبي تي خرچ ڪنداسين ۽ نوجوانن کي جديد هنر جي تعليم فراهم ڪنداسين ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي هلنداسين، عورتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان جي دين ۽ اسان جي ??بي اڪرم ﷺ عورتن جو رتبو بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي ??وجوانن کي هر قيمت تي جديد ٽيڪنالاجي ??راهم ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي، عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويندو جيڪو ان ڳالهه جي ضمانت ڏيندو ته عورتن جي عزت ۽ احترام تي ڪو حرف نه اچڻ ڏنو ويندو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??ومي اسيمبلي ميمبر شيزه فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ وزيراعظم شهباز شريف ماضي جي ??نهنجي حڪومتن جي دور ۾ ڪيترائي قدم کنيا، نوڪرين ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو وڌائي ويندي، ڪم ڪرڻ وارين عورتن جي ??اءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويندو، مستحق عورتن جي ??اءِ ٽرانسپورٽ وائوچر اسڪيم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪاروبار جي ??اءِ عورتن جي سميڊا جي ذريعي معاونت ڪئي ويندي، عورتن کي رهائش جون سهولتون ڏنيون وينديون. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ خدمتن جو مظاهرو ڪندڙ عورتن ۾ ايوارڊز ورهايا.