اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ?? اقتصادي معاملن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري جي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? ويندي. بيان موجب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ??ائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ?? اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.