اسلام آباد– 09 – ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اومان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – ??ومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي ف??وغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ف??وغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسط??ني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.