رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پاڪستان سان سعودي ??رب پاران اقتصادي ??صيداري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون جلد پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل مفاد تي ٻڌل منصوبا شروع ڪيا ويندا، هن ٻنهي ملڪن جي وچ م توانائي جي شعبي خاص طور تي موجوده انفراسٽرڪچر جي تع??ير ۽ بهتري، قابل تجديد توانائي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري توانائي جي ايڪو سسٽم ۾ اهميت آڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي سعودي ??رب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان السعود سان ملاقات ڪئي. ارامڪو جو سي اي او ۽ صدر ۽ اي سي ڊبليو اي پاور جو چيئرمين پڻ سعودي ??وانائي واري وزير سان گڏ هئا. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جهڙوڪ توانائي جي موجوده انفراسٽرڪچر جي تع??ير ۽ بهتري، قابل تجديد توانائي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري توانائي جي ايڪو سسٽم ۾ افاديت آڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. سعودي ??رب جي توانائي واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ سعودي ??رب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سعودي وزير وزيراعظم پاران نشاندهي ڪيل توانائي جي منصوبن جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم سعودي ??رب پاران پاڪستان سان اقتصادي ??صيداري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ولي عهد شهزاده ۽ وزيراعظم ??حم?? بن سلمان سان سندس ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين اقتصادي ??عاون جي ايجنڊا کي نئين جوش ۽ عزم سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل فائديمند منصوبا شروع ڪيا ويندا. وزيراعظم سعودي ??رب جي ويزن ۽ سعودي ??رب کي اقتصادي ??رقي جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو. ان کانسواءِ وزيراعظم سعودي ??رب جي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير انجنيئر فيصل الابراهيم ۽ سعودي ??رب جي ماحوليات ۽ پاڻي ۽ زراعت واري وزير عبدالرحمان عبالمحسن الفادلي پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ??صيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعدوي عرب پاران ڏيکاري ويندڙ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن پاڪستاني زرعي شعبي جي صلاحيت تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان سعودي ??رب جي لاءِ بريڊ باسڪٽ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ نه رڳو ٻئي ملڪ پر پوري خطي جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سعودي ??رب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير وزيراعظم کي 15، 16 اپريل 2024ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته سعودي ??رعي ڪمپنيون پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ٻئي ملڪ زرعي معيشت جي ويليو چين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل منصوبن مان فائدو کڻندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سعودي ??رب زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ چٽاڀيٽي جي فائدن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستاني زرعي شعبي کي تعاون جو هڪ اهم شعبو سمجهي ٿو. سعودي ??رب جي معيشت واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ??عاون کي وڌائڻ تي وزيراعظم جي ذاي ڌيان کي ساراهيو. وزيراعظم رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪرڻ تي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير کي مبارڪباد ڏني. هن وڌندڙ عالمي عدم استحڪام ۽ بحرانن جي باوجود عالمي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي ??رب جي ڪردار کي ساراهيو.