اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي پرڏيهي وزي?? جي دعوت تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 20 ۽ 21 م??ي تي قازقستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي دوري دوران آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي هم منصبن ۽ ٻين شريڪ اڳواڻن ??ان ملاقاتون پڻ ڪندو.