شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميو??يم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزي??اع??م جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزي??اع??م کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وزي??اع??م انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪ??ڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪ??ڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م پاڪستاني عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزي??اع??م شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميو??يم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزي??اع??م کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م ميو??يم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.