اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطو?? ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان و??يراعظم کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن و??ري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.