اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)پاڪستان ۾ 31 مارچ 24ع تائين رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز جو انگ 2 ڪروڙ 51 لک 84719 آهي، پاڪستان ٽيليويزن جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ مالي سال 24-2023ع ۾ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. جاري ڪيل پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع مطابق پي ٽي وي واحد سرڪاري شعب?? جو براڊ ڪاسٽنگ چينل آهي جيڪو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ قومي ۽ عالمي پروگرام نشر ڪري رهيو آهي ته جيئن عوام کي ملڪ جي موجوده حالتن کان باخبر رکي سگهجي. پي ٽي عوام کي تفريح، تعليم، ??اڻ ۽ راندين جي حوالي سان مختلف پروگرامن تائين رسائي فراهم ڪري ٿو ته جيئن عوام سماجي ۽ معاشي لحاظ کان صورتحال بابت آگاهه ر??ي. هن وقت پي ٽي وي تحت پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، ??ي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي بولان ۽ پي ٽي وي ورل?? جون نشريات جاري آهن. پي ٽي وي انگلش نيوز چينل نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي پاڪستان جي باري ۾ ??اڻ فراهم ڪري ٿو. 31 مارچ 24ع دوران پي ٽي وي جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. انهن رٿائن ۾ پي ٽي سي اڪيڊمي ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ چين جي سهڪار سان ڊجيٽل ٽيرسٽيريل ملٽي ميڊيا براڊ ڪاسٽنگ جو پائليٽ پراجيڪٽ شامل آهي. پي ٽي وي تحت مري، چراٽ ۽ـ ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ ري براڊ ڪاسٽ اسٽ??شن تي به ڪم جاري آهي جيڪو اپ گريڊ??شن جي مرحلن ۾ آهي.