اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تا??ڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آص??، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تا??ڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تا??ڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تا??ڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تا??ڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تا??ڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.