اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان ۾ امام بارگاهه عل?? بن ابو طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??لط??ت عمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ جاچ ۾ مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو. ايڪس تي پنه??جي بيان ۾ هن عمان ۾ امام بارگاهه علي ابن طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ??ئي جنهن ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته منهنجون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آ??ن، مون پاڪستاني سفارتخاني کي هدايت ??ئي آهي ته هو زخمين جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ۽ اسپتال جو پاڻمرادو دورو ڪري زخمين جي سارسنڀال ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??لط??ت عمان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ جاچ ۾ پنه??جي مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو.