اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽ??ڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترق?? ۽ ??ديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ وا??ار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? ۽ ??دتن جي ضرورت آهي. ??فا??ي وزير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضاف?? ۽ ??راعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آه?? ۽ ??ڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.