اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير راڻا ??نوير حسين سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آه??، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان آمريڪ?? سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي لاءِ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪ?? سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آه??. راڻا ??نوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آه??ون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.