اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ??اڻ?? ??ار?? وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بهتر مع??شي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۽ مٽاسٽا ??اڻ?? جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هانو ري پاٿي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ??اڻ?? ??ار?? ??زي?? فن لينڊ جي سفير کي ملڪ جي مجموعي مع??شي صورتحال ۽ مع??شي استحڪام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ سان 9 مهينن جو پروگرام مڪمل ڪري چڪو آهي جڏهن ته تازو ئي 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول مع??هدو به ٿي چڪو آهي. هن فن لينڊ جي سفير کي ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ حڪومتي قدمن کان به آگاهه ڪيو.??اڻ?? ??ار?? ??زي?? چيو ته انهن قدمن جو بنيادي مقصد روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اوسر ??ي حاصل ڪرڻ آهي. فن لينڊ جي سفير پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ فن لينڊ جي ڪمپنين جي مالي حالت بهتر ٿي آهي. ??اڻ?? ??ار?? ??زي?? جي ايس پي پلس جي تجديد ۾ مدد تي فن لينڊ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ان سهولت سبب ملڪ جي روانگي واپار ??ار?? شعبي کي فائدو ٿي رهيو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين پاڪستان ۽ فن لينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اقتصادي استحڪام ۽ اوسر لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.