اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاق?? سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ريجنل آفيس لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل شفقت عباس جي ڀاءُ، ڊي ايس پي ??ري??ڪ پوليس راولپنڊي چوڌري مسرت عباس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان م سڌ سماءَ واري وفاق?? سيڪريٽري ۽ پي آءِ او مرحوم ج?? ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاق?? سيڪريٽري چيو ته چوڌري مسرت عباس انتهائي لائق، محنتي ۽ ايماندار آفيسر هو. هن پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ملڪ جي خدمت لاءِ وقف ڪيو، مرحوم پنهنجي ذميوارين کي سهڻي نموني انجام ڏنو ۽ هميشه قانون جي پاسداري ڪئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسين چيو ته ڊي ايس پي مسرت عباس نه صرف قابل آفيسر هو پر هڪ بهترين انسان به هو، مرحوم جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاق?? سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مرحوم جي بخشش ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.