لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چادر چاڙهڻ واري رسم کان پوءِ حضرت داتا گنج بخش جي 981هين سالياني عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريبن جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي. ان موقعي تي معزز مهمانن جي دستاربندي به ڪئي وئي. ان کان اڳ نا??ب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار اليڪٽرڪ ڇٽين جي منصوبي ۽ کير جي سبيل جو به افتتاح ڪي??. اسحاق ڊار کي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته ??اتا درٻار ۾ حرمين نبوي جي ترز تي ڪي??و پيز لڳائڻ جي حوالي سان نيسپاڪ فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪري ورتي آهي. مس??د جي اڱڻ ۾ 2626 فوٽ جون 20 ڇٽيون مڪمل طور هائيڊرالڪ ۽ آٽوميٽڪ هونديون جنهن سان مس??د ۽ درٻار شريف جو حسن ٻيڻو ٿي ويندو ۽ زيارتين کي بهتر سهولتن جي فراهمي دستياب هوندي. ان سلسلي ۾ 650 ملين جي پي سي (ون) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ کي پيش ڪئي ويندي. ان موقعي تي نا??ب وزيراعظم اوقاف کاتي پنجاب طرفان شايع ڪي?? 3 ڪتابن جي رونمائي پڻ ڪئي جن ڪتاب جي رونمائي ڪئي وئي انهن ۾ ڪشف ??لمحجوب، ايڊيشن ڇهين معارف سيرت جا نالا شامل آهن.