اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ ??وم ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته م??صو?? شهرين جي انسانيت سوز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مار??ي ويلن جي پونئيرن سان تع??يت جو اظهار ڪيو. هن مار??ي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.