اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن کي پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ع??دالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آص??ه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر ع??دالقدير خان جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط استعمال ڪيو. صدر آص?? علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر ع??دالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.