اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دو جتي هو گهڻ رخي عمل جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت ??و اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ پراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت ??ي پڻ زور ڏيندو. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ ٻ??هرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪ??دو. هو سطح سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن ۽ ”ليڊرشپ فار پيس“ سميت ??عليٰ سطح جي ڪيترن ??ي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪ??دو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ حصو وٺندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جيڪو وزيراعظم سان گڏ هوندو، 22 ۽ 23 سيپٽمب?? تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاران گهرايل ”سمٽ آف دي فيوچر“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا ميٽنگ، ڄمون ۽ ڪشمي?? تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس، جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۽ غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ حصو وٺندو.