اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪشميري عوام جي خودمختياري جو نعم البدل نٿي??ن ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي خلاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 1989ع کان پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگير?? جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غزالي ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چون??ن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ته ڀارت جي قبضي کي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حق?? جي لاءِ ڏنل قربان??ن جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجهتي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام کي انه?? جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پوري ڪشميري قيادت کي ڪشميري عوام جو آواز دٻائڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پناهگير?? جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي غيرقانوني قدمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگير?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انه?? جي مسئل?? جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪشمير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگير?? جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي پاڪستان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪشميري عوام جي لاءِ پاڪستا?? جي جاري اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پاڪستا?? جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.