اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فر??هم ڪرڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آه??گي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به ??هم ٿي ويو آه??. صدر آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي خبرن جي حوصلا شڪني ج?? لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فر??هم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس خبرن جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رک?? ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ ج?? لاءِ هڪ پليٽ فارم فر??هم ڪر?? ٿي پر ??هم مسئلن تي ڌرين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪر?? ٿي، ان ج?? لاءِ ضروري آه?? ته پريس کي ??هم مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي ج?? لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس ج?? لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ ج?? لاءِ را??ه هموار ڪري سگهي.