اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پا??ستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿ?? ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آه?? ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وز??راعظم چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وز??راعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿ?? ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وز??راعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پا??ستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته پا??ستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وز??راعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آه?? ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وز??راعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وز??راعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پا??ستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پا??ستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پا??ستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پا??ستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پا??ستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پا??ستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پا??ستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.