ماسڪو _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته روس سان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت داري ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون . پاڪستان ?? سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن . انهن خيالن جو اظهار هن روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات دوران ڪيو. وزارت جي جاري بيان مطابق ملاقات جي موق??ي تي روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد جمالي ۽ ٻيون سينيئر اختياريون پڻ وفاقي وزير سان گڏ هيون. ملاقات ۾ روس جو ٽرانسپورٽ وارو وزير رومان اسٽار اووت ۽ صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير اليڪسي گروز دوف پڻ شامل هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوور چڪ سان ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ تاپي گيس ر??ا، ٻه طرفو واپار، مواصلات جي ذريعن ۽ پاڪستان، ايران، آذربائيجان ?? روس تائين ڄاڻايل واپاري راهداري ۽ ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي پڻ ڳالهيون ٿيون. روس جي نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير مواصلات جي شعبي ۾ سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ?? روس وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ?? روس وچ ۾ نومبر 2022ع ۾ ٿ??ل انٽر نيشنل روڊ ٽرانسپورٽ معاهدي تي غور ڪيو ويو. ان موق??ي تي وفاقي وزير چيو ته روس سان ٻه طرفي ڪاروباري شراڪت ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون. ماسڪو جيواپاري برادري سان ڳالهيون پڻ فائديمند رهيون. هن چيو ته واپار جي حوالي سان پاڪستان ?? سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان فادو کڻڻ جي ضرورت آهي . هن وڌيڪ چيو ته ماسڪو ۾ پهرين پاڪ – روس بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ سان مثبت نتيجا نڪرندا.