اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ??وس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻن??ي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان ??در جي پريس و??گ موجب ملاقات دوران ??در آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻن??ي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻن??ي ملڪن ۾ اقتصادي ت??اون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان ??هن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران ??يڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران ??در ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي ت??زي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي لاءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي ت??اون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي ت??اون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان ??ان پنهنجي لاڳاپن کي ت??جيح ڏي ٿو، اميد آهي ته ٻن??ي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. هن شنگهائي ت??اون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي روس جا ٿورا مڃيا.