اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ح??وم?? ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، ش??افيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آفيسر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ح??وم?? ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، ش??افيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ م??ڊي?? جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ ??ي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم ح??وم??ي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ م??ڊي?? ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام جي شموليت کي و??ائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.